ڪنڌڪوٽ: ضلعي ڪشمور جي مختلف ٿاڻن جي پوليس نفري روپوش جوابدارن جي گرفتاري لا۽ ڳوٺ جمال نندواڻي واري علائقي ۾ بدنام ڏوهاري واڍ نندواڻي جي گھرن تي چڙھائي

ڪنڌڪوٽ ڊسٽرڪٽ رپورٽر ،ضلعي ڪشمور جي مختلف ٿاڻن جي پوليس نفري روپوش جوابدارن جي گرفتاري لا۽ ڳوٺ جمال نندواڻي واري علائقي ۾ بدنام ڏوهاري واڍ نندواڻي جي گھرن تي چڙھائي ڪري سرچ آپريشن ڪيو۔ ڏوھارين پوليس جي موبائيل گاڏين کي سامھون ايندو ڏسندي پنھنجا گھر خالي ڪري فرار ٿي ويا۔
پوليس مبينه ڏوھارين خلاف ڪارروائي ڪري ڏوھاري واڍ نندواڻي ۽ سندس چئن ڀائرن مريد۔ ھيبت۔ شربت ۽ راجا نندواڻي سميت 10 گھر ڊاھي پٽ ڪري ڇڏيا ۽ گھرن کي باھيون ڏيئي ساڙي ڇڏيو پوليس 12 ڄڻن کي شڪ جي بنياد تي گرفتار ڪري ورتو آهي. جنھن۾ ڪجھ عورتون به شامل آھن۔ ذريعا
پوليس ڏوھارين جي اوطاقن ۾ بيٺل ڏھ کان وڌيڪ ڍور ڪاھي ڍڪ حوالي ڪري ڇڏيا۔ رابطي ڪرڻ تي پوليس ٻڌايو ته ڏوھارين جي گرفتاري تائين ڪاروايون جاري رھنديون

پنھنجي راءِ لکو