سکر: پاڪستان تحريڪ انصاف ضلعي سکر طرفان ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي. اٽي ۽ ٻين شين جي هٿرادو قيمتون وڌائڻ خلاف پي ٽي آئي ڪارڪنن جي وڏي تعدداد سکر پريس ڪلب تي احتجاجي مظاهرو ڪيو. وفاقي ۽ صوبائي حڪومت جي عوام دشمن پاليسين خلاف اڀ ڏاريندڙ نعريبازي ڪئي. مظاهري جي قيادت پي ٽي آئي ضلعي صدر ايڊوڪيٽ ظهير بابر ڪري رهيو هيو. جڏهن ته ٻيا اڳواڻ بلال سومرو. داوا خان. لياقت ڊريهو. صبا ڀٽي. شعبان جتوئي ۽ ٻيون زيلي تنظيمن جا اڳواڻ شامل هيا. ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هيو ته حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ بدران ان ۾ وڌيڪ اضافو ڪري رهي آهي. انتهائي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ملڪ ۾ آئي ڏينهن روز وڌندڙ مهانگائي مظلوم عوام کي خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ڪيو آهي. پاڪستان جي غريب عوام مهانگائي جي چڪي ۾ پيسجي رهي آهي ۽ حڪومت مهانگائي ڪنٽرول ڪرڻ بجائي ان ۾ وڌيڪ اضافو ڪري رهي آهي. غريب عوام ماني لاء ترسي رهي آهي. مهانگائي ختم ڪرڻ جي دعويدار امپورٽڊ حڪومت مظلوم ۽ غريب عوام کان جيئڻ جو حق به ڇني ڇڏيو آهي. اڳواڻن چيف جسٽس آف پاڪستان. آرمي چيف سميت ٻين اعلي اختيارين کان مهانگائي خلاف نوٽيس وٺي مهانگائي ڪنٽرول ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي
