سکر(رپورٽ يارمحمد سومرو)سکر ڊيويلپمنٽ الائنس پاران وڌندڙ مهانگائي جي خلاف چيئرمين حاجي محمد جاويد ميمڻ جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي ريلي صرافه بازار کان ڪڍي ويئي جيڪا شاهي بازار، شهيد گنج ۽ ٻين بازارن کان ٿيندي گهنٽا گهر چوڪ تي اختتام پذير ٿي. ان موقعي تي حاجي محمد جاويد ميمڻ ۽ ٻين اڳواڻن جو چوڻ هو ته مهانگائي جي طوفان کي روڪڻ ۾ حڪمران مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪا آهن، حڪمران ڪرسي بچائڻ جي چڪر ۾ غريب عوام کي خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ڪري رهيا آهن، اٽي جي روزاني جي بنياد تي اگهن ۾ اضافو ڳڻتي جوڳو آهي، سنڌ حڪومت سستي اٽي جا اعلان رڳو سياسي اعلان آهن، عوام اٽي جي لاءِ روڊن تي خوار ٿي رهي آهي، دڪانن تان 10 ڪلو اٽو 1600 روپيا جڏهن ته في ماني 25 روپين ۾ وڪامجي ٿي، فوڊ کاتو، ۽ پرائيز ڪنٽرول کاتو ڪرپشن جا شهنشاهه بڻجي چڪا آهن، انهن کي غريب ۽ وچولي طبقي جي عوام جو ڪو احساس ناهي،ڪڻڪ گورنمنٽ جي گودامن ۾ خراب ٿي رهي آهي، جيڪو هڪ ظلم آهي، ريلي جي اندر سياسي، سماجي، مذهبي، قومپرست، واپاري اڳواڻن سميت عوام جي وڏي انگ شرڪت ڪئي، ٽائرن کي باهيون ڏنيون ويون، اڀ نعريندڙ نعرا هنيا ويا، حڪمرانو مهانگائي ختم ڪريون يا ڪرسي ڇڏي ڏيو، اٽو سسٽو ڪريو، کاڌي پيتي جي شين جا اگهه گهٽايو نه ته روزانه جي بنياد تي احتجاجي ڌرڻا هنيا ويندا. ريلي ۾ مفتي محمد چمن زمان قادري، غلام مصطفي ڦلپوٽو، عبيدالله ڀٽو، آغا طاهر مغل، عيدن جاگيراڻي، محمد رضوان قادري، شاهه محمد انڍهڙ، آغا محمد اڪرم دراني، بابو فاروقي، ڊاڪٽر سعيد اعواڻ، عبدالباري انصاري، محمد منير ميمڻ، محمد ڪاشف شمسي، علامه عبدالستار بروهي، محمد عارف ڀٽي، گل حسن گوپانگ، زاهد رفيق، ڪامريڊ امام الدين، نعيم بلوچ، جاويد ميمڻ، سراج ڊوگر، حسيب جوڻيجو، امداد جهنڊير، فقير رمضان ڪورائي، عبدالجبار سومرو، طارق گهمرو، مسعود ڀيو، راشد صديقي، محمد رفيق، عبدالستار نوناري، عبدالڪريم سومرو، عدنان انصاري، محمد الياس، محمد شهزاد ۽ ٻين شرڪت ڪئي، حاجي محمد جاويد ميمڻ ۽ ٻين اڳواڻن جو وڌيڪ چوڻ هو ته حڪمران رڳو حڪمراني انجواءِ ڪرڻ ايندا آهن، ۽ عوام ويچاري مسئلن ۾ گهريل آهي، ذخيرو مافيا حڪمرانن جي آشيرباد سان عوام کي ٻنهي هٿن سان لٽي رهي آهي، ضلعي انتظاميه رڳو اجلاسن تي جلاس ڪري رهي آهي، جڏهن ته قيمتون ڏينهون ڏينهن وڌي رهيون آهن، ڪڏهن کنڊ مافيا، ڪڏهن گيهه مافيا ۽ هاڻ اٽي مافيا حڪمرانن جي سرپرستي ۾ غريبن جي گهرن جي چلهه کي وسامي رهي آهي، عوام جي ووٽن سان چونڊيل حڪمران رڳو پنهنجي گهرن کي روشن ڪيو آهي عوام کي اونداهه ۾ ڌڪي ڇڏيو ۽ عوام خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آهي.
