ڪنڌڪوٽ(رپورٽر) ڪيڊٽ ڪاليج ڪرم پور ۾ انٽر هائوس فٽ بال ٽورنامينٽ جو فائنل جناح هائوس ۽ اقبال هائوس جي ٽيمن وچ ۾ ٿي گذريو.هن ٽورنامينٽ جو مهمانِ خاص ڪيڊٽ ڪاليج ڪرمپور جو وائيس پرنسيپال پروفيسر امجد علي چانڊيو هو. جناح ھائوس جي ٽيم جي اڳواڻي ڪيڊٽ حسين ملڪ ۽ اقبال هائوس جي ٽيم جي اڳواڻي ڪيڊٽ غلام مصطفيٰ ڪئي. فائنل ۾ اقبال ھائوس جي ٽيم ڪامياب ٿي جڏھن ته بھترين رانديگر جو انعام ڪيڊٽ غلام مصطفيٰ کي ڏنو ويو پروگرام جي آخر ۾ ڪامياب ٽيم کي ڪيڊٽ ڪاليج ڪرمپور جي وائس پرنسيپال پروفيسر امجد علي چانڊيو انعام ڏنا ۽ ڪيڊٽس سان مخاطب ٿيندي چيو ته ڪيڊٽ ڪاليج نصابي ۽ غير نصابي سرگرمين جي حوالي سان ڪيڊٽس لاءِ ھڪ بهترين ادارو آهي جتي ڪيڊٽس جي ذهني ۽ جسماني واڌ ويجھ لاءِ بهترين ماحول فراهم ڪيو آھي هن وڌيڪ چيو ته ڪامياب ٽيم کي مبارڪون هجن ۽ ڪيڊٽس کي ڪاليج ۾ ٿيندڙ سمورين سرگرمين ۾ ڀرپور حصو وٺڻ گهرجي ڪامياب ٽورنامينٽ ڪرائڻ تي ٽورنامينٽ انچارج ليڪچرار حسين سھرياڻي کي مبارڪون ڏنيون
