اسلام آباد: ايم ڪيو ايم پاڪستان جو ڪنوينر ڪير؟ عدالت دستاويزي ثبوت طلب

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڪنوينر بابت دستاويزي ثبوت طلب ڪري ورتا آهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني ايم ڪيو ايم کي شناختي ڪارڊ جاري ڪرڻ بابت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي ٻڌڻي دوران عدالت چيو ته اليڪشن ڪميشن ۾ داخل ايم ڪيو ايم جي عهديدارن ڪهڙي قرارداد منظور ڪئي؟ طارق جاويد نالي شخص لنڊن مان درخواست داخل ڪرائي آهي، طارق جاويد ڪير آهي،عدالت جي استفسار تي درخواستگذار جي وڪيل ٻڌايو ته طارق جاويد ايم ڪيو ايم پاڪستان جو رجسٽرڊ ڪنوينر آهي،ان تي جسٽس محسن اختر چيو ته طارق جاويد ڪنوينر آهي، ان کي دستاويزن سان ثابت ڪرڻو پوندو، ايم ڪيو ايم پاڪستان جو ڪنوينر ڪير آهي؟ دستاويزي ثبوت 15 مارچ تائين جمع ڪرايا وڃن،جنهن بعد عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 15 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي،

پنھنجي راءِ لکو