عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته مون سياسي روزو رکيو آهي، خبر آهي ته روزو کولڻ جو وقت هوندو آهي، وقت اچڻ تي روزو کوليندس. سپريم ڪورٽ جي ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي شيخ رشيد چيو ته اهو روزو ڊگهو نٿو ٿي سگهي، مان 17 ڀيرا وزير رهيو آهيان، خبر آهي ته روزو ڪڏهن کولڻو آهي، سياست ۾ وقت جي چونڊ تمام گهڻو ضروري هوندي آهي. هوڏانهن سپريم ڪورٽ ۾ شيخ رشيد جي بريت واري درخواست رد ڪرڻ خلاف اپيل تي ٻڌڻي ٿي، وڪيل سردار رازق چيو ته منهنجي موڪل خلاف ڪوبه ريفرنس نه آهي. چيف جسٽس يحيٰ آفريدي ريمارڪس ڏنا ته ٽرائل ڪورٽ چئن مهينن ۾ ٽرائل مڪمل ڪرڻ جو چئي ڇڏيندا آهن، سپريم ڪورٽ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو صحيح قرار ڏنو اوهان جي موڪل جو حق متاثر ٿي سگهي ٿو، جنهن کان پوءِ عدالت ٻڌڻي 22 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.