ڪنڌڪوٽ ( رپورٽ عبدالخالق چاچڙ ) ،تعلقي تنگواڻي يوسي صيفل جي ڳوٺ محمد امين خان جعفري ۾ پل جي سهولت نه هجڻ ڪري ڳوٺاڻا سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيئي رهيا آھن,ڳوٺاڻن محمد عظيم جعفري شاھمراد جعفري, عبدالجبار جعفري,غلام حسين جعفري ۽ ٻين ميڊيا کي ٻڌايو ته گذريل ھڪ سالن کان موسئ الله آباد شاخ جو پل ڊھي پيوآھي جنهن سبب اسان کي اچڻ وڃڻ ۾ سخت تڪليف ٿي رهيو آھي ٻارڙا اسڪول پڻ نه ٿا وڃي سگھن ھنن وڌيڪ چيو ته تازي واقعو ٿيو آهي ھڪ عورت فوت ٿي وئي آهي جيڪو پاڻي م گذرڻو پيو صوبائي وزير مير شبير علي بجاراڻي واقعي جو نوٽس ورتو جنهن باوجود به ضلعي انتظاميا ڪو به ھن طرف ڌيان نه ڏنو آهي اگر ڪو به ٻار پاڻي م ڪريو ان جو ذميوار ضلعي انتظاميا ھوندي ,صوبائي وزير مير شبير علي خان بجاراڻي سردار محبوب علي خان بجاراڻي کان مطالبو ٿا ڪيون ته اسان پيپلزپارٽي جا ووٽر آھيون اسان جو راڄ ڀاڳ توهان سان گڏ آهي پوء به ڳوٺ محمد امين جعفري سان وڌن ڇو اسان جو ڳوٺ مڪمل 10 ھزار ووٽ بينڪ رکي ٿو تنهن باوجود مڪمل سھولتن کان محروم آهي سرڪاري اسڪول جي سھولت نه وري روڊ جي سھولت اسپتال جي سھولت آهي ۽ نه وري بجلي سھولت آهي اسين صوبائي وزير مير شبير علي خان بجاراڻي سردار محبوب علي خان بجاراڻي مير شھيراز علي خان بجاراڻي مير شاھزين خان بجاراڻي ۽ ٻين کان مطالبو ڪيو ته پل ٺھرائي ڏنو وڃي ء ڳوٺ محمد امين جعفري کي مڪمل سھولتون ميھان ڪيون وڃن نه ته مجبورن روڊ تي نڪرڻو پوندو
