ڪنڌ ڪوٽ :جي رھائشي شیر محمد ولد حسين بخش ملڪ مير پور ماٿيلو جي رھائشي بختاور ولد محراب خان ملڪ سان ڪنڌڪوٽ جي عدالت سيشن ڪورٽ ۾ پيار جو پرڻو ڪري ڇڏيو آهي

ڪنڌڪوٽ رپورٽ عبدالخالق چاچڙ،ڪنڌ ڪوٽ جي رھائشي شیر محمد ولد حسين بخش ملڪ مير پور ماٿيلو جي رھائشي بختاور ولد محراب خان ملڪ سان ڪنڌڪوٽ جي عدالت سيشن ڪورٽ ۾ پيار جو پرڻو ڪري ڇڏيو آهي. پيار جو پرڻو ڪندڙ جوڙي بختاور ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان کي موت مار ڌمڪيون ملي رهيون آهن ۽ اسان جي جان کي خطرو آهي اسان پنهنجي رضا خوشيءَ سان شريعت موجب نڪاح ڪيو آهي. مان ٽن سالن کان وٺي پنهنجي ماءُ پيءُ جي گهر رھندي ھيس ۽ منهنجو پھريون مڙس مونکي ٽي سال اڳ ڇڏي ويو هو. ۽ ھاڻي اسان جي جان جا دشمن ٿي ويا آهن. ۽ مان پنهنجي رضا خوشيءَ سان بغير ڪنهن ڌمڪائڻ جي ۽ پنهنجي ھوش حواس سان پنهنجي گهران صرف ٽن ڪپڙن سان نڪري شير محمد ملڪ سان ڪنڌڪوٽ جي عدالت ۾ پسند جو پرڻو ڪيو آهي. ۽ مونکي ڪنهن به اغوا ناهي ڪيو ۽ منهنجي مڙس تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. شير محمد ملڪ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان ڪنڌڪوٽ جي عدالت ۾ پيار جو پرڻو ڪيو آهي ۽ اسان ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن ۽ منهنجي ڀاءُ کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ۽ اسان کي موت مار ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن. اسين آء جي سنڌ ڊي آئي جي لاڙڪاڻو ايس ايس پي ڪشمور کان اپيل ڪيون ٿا ته اسان جي زندگي بچائي وڃي ۽ اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي. ۽ اسان تي ڪوڙا ڪيس ختم ڪيا وڃن.

پنھنجي راءِ لکو