ٺڪراٺو :سموري سنڌ جيان ٺڪراٺو ۾ به مهانگائي عام ماڻھونء جي چيلھ چٻي ڪري ڇڏي مهانگائي کان تنگ ٿي ماڻھون روڊن تي نڪري آيا

ٺڪراٺو :سموري سنڌ جيان ٺڪراٺو ۾ به مهانگائي عام ماڻھونء جي چيلھ چٻي ڪري ڇڏي مهانگائي کان تنگ ٿي ماڻھون روڊن تي نڪري آيا ڍنڍي شهر ۾ مهانگائي خلاف ٺڪراٺو روھڙي لنڪ روڊ تي احتجاجي ڏرڻو هڻي روڊ بند ڪري ڇڏيو وفاقي توڙي صوبائي حڪومتن خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي وئي ، احتجاج ڪندڙن سنڌ سرڪار کي فوري طور نوٽيس وٺي ڪري مهانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ جو مطالبو ٻي صورت ۾ قومي شاهراھ تي احتجاج جو چتاء ڏئي ڇڏيو
ٺڪراٺو ( رپورٽ ) سموري سنڌ جيان مهانگائي خلاف ٺڪراٺو ۽ ڍنڍي جا شهري روڊن تي نڪري آيا ٺڪراٺو روھڙي لنڪ روڊ تي احتجاجي ڌرڻو ھڻي ڇتي نعريبازي ڪئي مظاھرين محمد وريام چاچڙ ، محمد ڇٽل شيخ ، محمد عثمان مھر ۽ ٻين دانھيندي چيو آھي ته کاڌي پيتي عام واھپي جي شين سميت ڀاڻ جي اگھن ۾ رڪارڊ واڌ ڪئي وئي آھي جنھن سبب غريب ماڻھو ٻھ ويلا ماني ڳڀي لاء پريشان ٿي ويو آھي ھاري به ويچارا سخت پريشانين ۾ زندگي گذاري رھيا آھن ھنن وڌيڪ چيو ته اٽي جو اگھ غريب ماڻھو جي سھپ کان وڌيڪ آھي ملڪ اندر مھانگائي سبب ماڻھو خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آھن احتجاج ڪندڙن وفاق توڙي سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪيو آھي ته وڌندڙ مھانگائي تي ڪنٽرول آڻي اٽي ڀاڻ سميت کاڌي پيتي جي شين جا اگھ مناسب ڪيا وڃن جيئن غريب ماڻھو تڪليفن کان بچي سگھن. مظاھرين سنڌ سرڪار کي فوري طور نوٽيس وٺي ڪري اٽي ۽ ٻين روز مره جي شين جي اگهن تي ڪنٽرول ڪرڻ جي پڻ گهر ڪري ڇڏي اگهن تي ڪنٽرول نه ڪرڻ جي صورت ۾ قومي شاهراھ تي احتجاجي ڌرڻي جو چتاء ڏئي ڇڏيو

پنھنجي راءِ لکو