سکر:سنڌي ادبي سنگت سکر جي جو ڏيک

سکر(بيورورپورٽ)سنڌي ادبي سنگت شاخ سکر جي دستوري گڏجاڻي خوبصورت شاعر شيخ ارشاد جي صدارت هيٺ ٿي گذري جنهن ۾ سردار پيرزادي ۽دودي ڀٽي پنهنجون نڪور لکڻيون تنقيد لاءِ پيش ڪيون جڏهن ته ناليواري چترڪار غلام مصطفا ڀٽي ڄام سعيد سچل ڀٽي ضياء ڀٽي ۽ عبد رحمان ڀٽي تنقيد ۾ حصو ورتو آخر ۾ وڌندڙ مھانگائي تي ڳڻتي ڏيکاريندي شاخ جي ميمبرن چيو ته حڪمرانن وچئين ۽ هيٺين طبقي جو فرق ختم ڪري ڇڏيو آهي جنھنڪري ھاڻي صرف مٿيون عياش ۽هيٺيون ٻن ويلن جي مانيءَ لاءِ تڙپندڙ طبقو بچيو آهي گڏجاڻيءَ جي پڄاڻيء تي صدارتي خطاب ڪندي خوبصورت شاعر ۽ محقق شيخ ارشاد پڻ اٽي ۽ عام واهپي جي شين جي اگهن ۾ هنياء ڦاڙيندڙ واڌ تي سخت ڳڻتيء جو اظهار ڪندي وس وارن کان گهر ڪندي چيو ته غريب طبقي جي ٻچن کان ٻن ويلن جي ماني جو حق نه کسيو وڃي اٽي ۽ ٻين عام واهپي جي شين جا اڱھ گھٽائي پيڙيل عوام مان بيچيني ختم ڪئي وڃي

پنھنجي راءِ لکو