لاهور: ايم ڪيو ايم جي حڪمت عملي جو انتظار، عمران خان اهم اجلاس طلب ڪري ورتو

لاهور: تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان پارٽي جي مرڪزي قيادت جو اجلاس اڄ طلب ڪري ورتو آهي،ذريعن موجب عمران خان کي قومي اسيمبلي مان ايم ڪيو ايم جي آئنده جي حڪمت عملي جو انتظار آهي جنهن کان پوءِ عمران خان جي حتمي منظوري کان پوءِ وزيراعظم شهباز شريف کي صدر عارف علوي اعتماد جي ووٽ جو چوندو، ذريعن موجب پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه اسيمبلين جو معاملو به آخري مرحلن ۾ داخل ٿي چڪو آهي. ان سلسلي ۾ خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير اڄ عمران خان سان زمان پارڪ ۾ ملاقات ڪندو ۽ اڄ ئي ڪي پي اسيمبليون ٽوڙڻ جي ايڊوائس گورنر ڏانهن اماڻڻ جو امڪان آهي،ذريعن موجب پنجاب جو گورنر اڄ ڪنهن به وقت اسمبليون ٽوڙڻ جي ايڊوائس تي صحيح ڪندو. ڇو ته پنجاب جي وڏي وزير خميس جي رات 10 لڳي 10 منٽن تي اسيمبليون ٽوڙڻ جي سمري اماڻي هئي. وڏي وزير جي سمري جو 48 ڪلاڪن جو آئيني وقت اڄ 10 لڳي 10 منٽن تي ختم ٿي ويندو. جيڪڏهن گورنر آئيني طور تي لکيل وقت تي صحيح نٿو ڪري ته اسيمبليون آئيني طور تي ٽٽل مڃيون وينديون،ذريعن اهو به ٻڌايو ته پي ٽي آءِ قيادت اڄوڪي اجلاس ۾ پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي لاءِ نگران سيٽ اپ بابت به مشاورت ڪندي

پنھنجي راءِ لکو