لاهور: تحريڪ انصاف وزيراعظم شهباز شريف خلاف بي اعتماد رٿ آڻڻ جو حتمي فيصلو ڪري ورتو آهي جنهن جي عمران خان پڻ منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
رپورٽ موجب تحريڪ انصاف وزيراعظم شهباز شريف خلاف بي اعتماد رٿ جمع ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو هو جنهن جي پارٽي چيئرمين عمران خان کان منظوري جي ضرورت هئي، اڄ عمران خان ان فيصلي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي
پارٽي ذريعن تصديق ڪندي ٻڌايو آهي ته وزيراعظم جي خلاف اعتماد جي ووٽ جي ڪارروائي ڪرڻ جو فيصلو ٿي ويو آهي. صدر عارف علوي تمام جلد وزيراعظم کي اعتماد جو ووٽ وٺڻ جي لاءِ چوندو ذريعن موجب پي ٽي آءِ اهو فيصلو ايم ڪيو ايم جي خدشن کي ڏسندي ڪيو آهي. پي ٽي آءِ پراميد آهي ته ايم ڪيو ايم وزيراعظم کي ووٽ نه ڏيندي
