لاهور: اڳوڻو صدر آصف علي زرداري لاهور پهچي ويو آهي جتي هو وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪندو ،ذريعن موجب اڳوڻو صدر آصف علي زرداري ڪجهه اهم تجويزون کڻي لاهور پهتو آهي، آصف علي زرداري اهم تجويزون وزيراعظم شهباز شريف جي سامهون رکندو، ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ملاقات دوران مستقبل جي سياسي صورتحال بابت اهم معاملا غور هيٺ ايندا،ياد رهي ته ان کان اڳ پنجاب جي گورنر محمد بليغ الرحمان وزيراعظم شهباز شريف سان سندس رهائشگاهه ماڊل ٽائون ۾ ملاقات ڪئي هئي جنهن ۾ پنجاب اسيمبلي جي ٽوڙڻ سميت ٻين اهم معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون هيون
