ڪنڌڪوٽ: جميعت العما۽ اسلام ٽائون غوثپور طرفان شھر جي مکي پاڙي ۾ ”مچ ڪچھري

ڪنڌڪوٽ ڊسٽرڪٽ رپورٽر ،جميعت العما۽ اسلام ٽائون غوثپور طرفان شھر جي مکي پاڙي ۾ ”مچ ڪچھري۔ سچ ڪچھري“ جي عنوان سان تقريب ڪوٺائي ويئي۔ تقريب ۾ ڪشمور ضلعي جي مختلف شھرن بڊاڻي۔ بخشاپور۔ ڪنڌڪوٽ۔ ڪرمپور ۽ تنگواني سميت ٻين علائقن مان ڪيترن ئي سگھڙن۔ اديبن۔ دانشورن۔ صحافين۔ وڪيلن۔ نعت خوانن توڙي سياسي سماجي ماڻھن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي۔ ھن مچ ڪچھري جو خاص مھمان درگاه شاھ غوث جيلاني جو سجاده نشين سيد يعقوب علي شاھ جيلاني۔ چاچڙ برادري جو چڱو مڙس حافظ ربنواز چاچڙ ۽ جي يو آ۽ جو امير سيد سھيل احمد شاھ ھيا مچ ڪچھري ۾ شھر جي صحت۔ تعليم۔ صفائي ۽ امن امن بابت علائقي جي معززين سيد منور علي شاھ۔ دائم دين پنھور۔ استاد پٺاڻ اوڳاھي۔ نارائڻ ناز ۽ ڊاڪٽر سندر پنھنجا ويچار ونڊيا۔ جڏھين ته علائقي جي نامور شاعرن ۽ اديبن۔ فقير عبدالقادر اوڳاھي۔ فوجي اوڳاھي۔ سيد سرفراز شاھ۔ ۽ وڪيل فاروق سومري پنھنجي نڪور شاعري۔ بيت ۽ ڳجھارتون ٻڌائي خوب داد وصول ڪيو۔ مچ ڪچھري ۾ سنڌ جي مشھور نعت خوان الحاج امداد الله ڦلپوٽو نبي سائين جي شان ۾ قصيده ڳائي محفل کي جھومائي ڇڏيو

پنھنجي راءِ لکو