ڪراچي: سنڌ ۾ مڪاني چوڊن جي ٻئي مرحلي دوران ڪراچي ۽ حيدرآباد جي 16 ضلعن ۾ پولنگ جو وقت ختم ٿي چڪو آهي جنهن کان پوءِ ووٽن جي ڳڻپ جو عمل شروع ٿي ويو آهي. اليڪشن ڪميشن پولنگ جو وقت وڌائڻ وارو پي ٽي آءِ جو مطالبو پڻ رد ڪري ڇڏيو. مڪاني چونڊن جي لاءِ پولنگ صبح 8 وڳي شروع ٿي جيڪا بنا ڪنهن وقفي جي شام 5 وڳي تائين جاري رهي. ڪراچي جي 7 ئي ضلعن ڪياماڙي، سينٽرل، ڏکڻ، اوڀر اولهه، ملير ۽ ڪورنگي ۾ سخت سيڪيورٽي انتظامن هيٺ پولنگ ٿي گذري. حيدرآباد، ٽنڊو الهيار، ٽنڊو محمد خان، بدين، ٺٽو، سجاول، مٽياري، ڄامشورو ۽ دادو ضلعي ۾ به مڪاني چونڊن جو وقت ختم ٿي ويو، جنهن کان پوءِ اتي به ووٽن جي ڳڻپ جو عمل شروع ٿي ويو آهي مڪاني چونڊن دوران پولنگ اسٽيشنز تي جهيڙن ۽ بدنظمي جا واقعا به رپورٽ ٿيا آهن. جنهن ۾ ڀٽ شاهه ۾ مختلف پولنگ اسٽيشنز تي هٿياربندن طرفان حملا ڪيا ويا، حملن دوران زوري ٺپا هڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، فائرنگ سبب 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا نامعلوم هٿياربند ڀٽ شاهه جي وارڊ نمبر هڪ جي پولنگ اسٽيشن تي بيلٽ پيپرز جا باڪس تبديل ڪري کڻي ويا، نيو سعيد آباد جي يو سي 7 جي پولنگ اسٽيشن ڀلي ڏنو ڪاڪا تي پ پ اميدوار ۽ آزاد اميدوار جي حامين ۾ جهيڙو ٿي پيو جنهن ۾ لٺين جي آزاداڻي استعمال سبب 2 عورتون زخمي ٿي پيون، ڄامشورو جي وارڊ نمبر 5، 6 ۽ 8 جي پولنگ اسٽيشنز تي بدنظمي جا واقعا پڻ پيش آيا،
پ پ ۽ ڄامشورو اتحاد جي اميدوارن جي حامين ۾ جهيڙو ٿي پي، هنن هڪ ٻئي تي عورتن جي پولنگ اسٽيشنز ۾ داخل ٿيڻ جا الزام هنيا. بدين ۾ پيپلزپارٽي جي ايم پي اي تاج محمد ملاح جي پولنگ اسٽيشن اچڻ تي جي ڊي اي اميدوار عبدالرزاق سومرو پاران احتجاج ڪيو ويو. بدين جي يو سي 37 مير غلام علي ٽالپر جي پولنگ اسٽيشن تي جهيڙي دوران جي ڊي اي اميدوار جو پولنگ ايجنٽ زخمي ٿي پيو، زخمي ٿيل پولنگ ايجنٽ غلام قادر انڙ چيو آهي ته پيپلزپارٽي جي پولنگ ايجنٽس مٿو ڦاڙي ڇڏيو ۽ پولنگ اسٽيشن مان ڪڍي ڇڏيو، حيدرآباد سٽي تعلقي جي يو سي 27 جي پولنگ اسٽيشن تي پ پ اميدوار گڊو مري ۽ پرزائيڊنگ آفيسر وچ ۾ ڏند چڪ ٿي جنهن ۾ پ پ اميدوار چيو ته اسان جي پولنگ ايجنٽ کي اندر نه پيو ڇڏيو وڃي، دادو جي وارڊ نمبر 13 تي پ پ ۽ پي ٽي آءِ جي اڳواڻن ۾ ڇڪتاڻ ۽ ڏند چڪ، پي ٽي آءِ اڳواڻ عاشق زنئور چيو ته پهرين پولنگ عملو تبديل ڪيو ويو، هاڻي سرعام ڌانڌلي ڪئي پئي وڃي،بڪيرا شريف ۾ وارڊ نمبر 4 تي پ پ اميدوار ۽ آزاد اميدوار جي حامين ۾ جهيڙو ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو. ان حوالي سان ٻڌايو پيو وڃي ته بڪيرا ۾ ليڊيز پولنگ اسٽيشن تي پوليس اهلڪار مقرر ڪرڻ تان جهيڙو ٿي پيو جڏهن ته بدنظمي دوران رش وڌي وڃڻ سبب هڪ عورت پڻ بيهوش ٿي وئي
