ڄامشورو: ڄامشورو ۾ يوسي سري جي وارڊ نمبر 3 ۾ اليڪشن ڪميشن جو ڪارنامو سامهون اچي ويو. بيلٽ پيپر ۾ غلطي سبب پ پ اميدوار کي تالو، جڏهن ته ڄامشورو اتحاد جي اميدوار کي تير جو نشان ڏنو ويو اليڪشن ڪميشن جي ڪارنامي سبب يوسي سري ۾ بيلٽ پيپر ۾ نشان اونڌا ڏنا ويا، پاڪستان پيپلزپارٽي جي اميدوار کي تالو نشان الاٽ ڪيو ويو جڏهن ته ڄامشوري اتحاد جي اميدوار کي تير جو نشان ڏنو ويو اليڪشن ڪميشن جي اهڙي ڪارنامي کان پوءِ اميدوارن جا مٿي تي هٿ اچي ويا، نشان ابتا هجڻ ڪري ووٽر به پريشان، شڪايتن تي پولنگ جي عمل کي بند ڪيو ويو
