نارووال: مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته عمران خان حوصلو رکي، بهادر ٿئي ۽ خيبرپختونخواهه اسيمبلي ٽوڙي نارووال ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته عمران خان هاڻي ڊڪندو پيو وڃي، توهان پنجاب اسيمبلي ٽوڙي بيوقوفي تي ويٺا آهيو هن چيو ته عمران خان کي همت ڪرڻ گهرجي، حوصلو رکڻ گهرجي ۽ خيبرپختونخواهه اسيمبلي کي به ٽوڙي ڇڏيو، عام چونڊون سوشل ميڊيا تي نه آهن، پي ٽي آءِ جي ڪوڙ، ٺڳي، فريب جي سوشل ميڊيا فلم جو ڊراپ سين ٿيڻ وارو آهي احسن اقبال چيو ته پنجاب حڪومت جي خاتمي سان عوام نااهل ۽ ڪرپٽ حڪومت مان نجات حاصل ڪري ورتي آهي
