لاهور: اميد آهي ته آرمي چيف شفاف اليڪشن ڪرائيندو: پي ٽي آءِ چيئرمين

لاهور: اڳوڻي وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته اميد آهي ته موجوده آرمي چيف شفاف چونڊون ڪرائيندو ،لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته اسٽيبلشمينٽ هڪ حقيقت آهي ۽ قانون کان مٿانهون آهي هن چيو ته حالتون تڏهن بهتر ٿينديون جڏهن اسٽيبلشمينٽ قانون جي بالادستي لاءِ ڪم ڪندي عمران خان جو چوڻ آهي ته پنجاب ۾ جيڪڏهن ڪا ڳالهه ڪئي وئي ته هو مزاحمت ڪندا. مينڊيٽ گهٽائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
هنن جو اهو به چوڻ آهي ته اسان جي ڏکڻ پنجاب جي ماڻهن کي چيو پيو وڃي ته هو ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿين،

پنھنجي راءِ لکو