پشاور: مشهور وڪيل لطيف آفريدي قاتلاڻي حملي ۾ مارجي ويو،لطيف آفريدي تي فائرنگ جو واقعو پشاور هاءِ ڪورٽ جي بار ۾ پيش آيو، بار جي احاطي ۾ مٿس فائرنگ ڪئي وئي، جنهن ۾ سينئر وڪيل لطيف آفريدي سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو. حالت، جتي هو زنده نه رهي سگهيو،ليڊي ريڊنگ اسپتال انتظاميا 79 ورهين جي لطيف آفريدي جي لاڏاڻي جي تصديق ڪئي آهي،پوليس موجب عبداللطيف آفريدي کي 6 گوليون لڳيون، فائرنگ ڪندڙ شخص کي موقعي تي ئي گرفتار ڪيو ويو، جنهن جي سڃاڻپ عدنان جي نالي سان ٿي، جڏهن ته جوابدار پڇاڻو ڪري آيو،پشاور هاءِ ڪورٽ بار احاطي ۾ فائرنگ کانپوءِ هاءِ ڪورٽ جا دروازا بند ڪري سڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا آهن،پوليس جو چوڻ آهي ته شروعاتي طور واقعو ذاتي دشمني جو لڳي ٿو پر معاملي جي جاچ ڪري رهيا آهيون، اهو به معلوم ڪيو پيو وڃي ته جوابدار پستول اندر ڪيئن آندو يا هٿيار فراهم ڪرڻ ۾ ڪنهن مدد ڪئي،اڳوڻي صدر آصف علي زرداري عبداللطيف آفريدي جي قتل جي مذمت ڪئي آهي، عبداللطيف آفريدي جمهوريت پسند ۽ انتهاپسندي جو سخت مخالف هو، شهيد عبداللطيف آفريدي جو قتل انتهائي افسوس ناڪ آهي، جمهوريت جي بحالي لاءِ شهيد عبداللطيف آفريدي جي جدوجهد ناقابل فراموش آهي، شهيد عبداللطيف آفريدي دهشتگردن ۽ انتها پسندن خلاف آواز اٿاريندو رهيو،آصف زرداري جو پ پ اڳواڻ ۽ ڪارڪن شهيد عبداللطيف آفريدي جي خاندان سان ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. شهيد عبداللطيف آفريدي جي خاندان ۽ خيبرپختونخواهه جي عوام سان تعزيت جو اظهار ڪريا ٿو
