سکرجو مبينه مقابلو ٽن ڏوهارين کي زخمي حالت ۾ گرهفتار ڪري هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعوا

سکر(بيورورپورٽ)سکرجو مبينه مقابلو ٽن ڏوهارين کي زخمي حالت ۾ گرهفتار ڪري هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعوا ۔زخمي علاج لاء اسپتال داخل ان سلسلي ۾ايس ايس پي سکر جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ ڄاڻايو آھي ته دبر ٿاڻي جي حد دبر موڙ لڳ پوليس ۽ ڏوهارين و۾ ٿيل مقابلي ۾ ٽن ڏهوارين کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو سندن ساٿي فرار ٿيڻ ۾ڪامياب ٿي ويا۔گرفتار ڏوهارين جي قبضي مان هٿيار پڻ هٿ ڪيا آھن سکر پوليس ترجمان موجب گرفتار ڏوهاري جي سڃاڻپ شڪيل۔اقرار ۽ ذوالفقارجوڻيجو جي نالن سان ٿي آھي جيڪي موٽر سائيڪل ڦر ۔چوري۔پوليس مقابلن سميت سنگين ڏوهن ۾ پوليس کي گهربل هيا زخمي گرفتارڏوهارين جو وڌيڪ ڪرمنل ريڪارڊ حاصل ڪرڻ لاء ٻين ضلعن سان رابطو ڪيو ويندو جڏهن ته زخمين کي علاج لاء سول اسپتال سکر داخل ڪيو ويو آھي۔

پنھنجي راءِ لکو