شھدادڪوٽ :۾ ترقياتي ڪمن ۾ ناقص مٽيريل جو استعمال، شهرين پاران احتجاج

قمبر_شھدادڪوٽ: شھدادڪوٽ پبلڪ هيلٿ کاتي پاران شھدادڪوٽ ۾ سياسي سفارش تي من پسند ٺيڪيدارن کي ڪميشن عيوض ٺيڪا ڏيڻ ۽ ڪمن ۾ وڏي پئماني تي ناقص مٽيريل استعمال ڪرڻ واري عمل خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي تعلقي شهدادڪوٽ پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ڪوٽو موٽو چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو ان موقعي تي امداد سومرو، رشيد مگسي زاهد مگسي، اسد سولنگي، داد محمد کنڊ، عمران خشڪ، اظهر بلوچ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته شهر اندر پبلڪ هيلٿ کاتي طرفان شروع ڪيل ترقياتي ڪمن ۾ ناقص مٽيرل استعمال ڪيو پيو وڃي، شھر ۾ هلندڙ پيور بلاڪن ۾ ڪنڪريٽ پائوڊر ۽ واريءَ جي استعمال ڪرڻ بجاءِ ڪچي مِٽي وجھي انتهائي ناقص ڪم ڪيو پيو وڃي ڪنڪريٽ ۽ واريءَ بنا ڪيل ڪم ٿوري برسات يا وزني گاڏين سبب جلد ٽٽي پوندو
اڳواڻن چيو ته انجنيئر ۽ ايس ڊي او ڪميشن عيوض ٺيڪيدارن سان ملي ڀڳت ڪري ناقص ڪم ڪرائي رهيا آهن، اڳواڻن مطالبو ڪيون ٿا ته شھدادڪوٽ ۾ پبلڪ هيلٿ کاتي پاران ڪرايل ڪمن جي جاچ ڪرائي وڃي. ٻي صورت ۾ ايس ٽي پي طرفان سڄي ضلعي اندر مرحليوار تحريڪ هلائي ويندي

پنھنجي راءِ لکو