ڪراچي: جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم مڪاني چونڊن ۾ 100 سٽين تي ڪاميابي جي دعويٰ ڪندي چونڊ نتيجا تبديل ڪرڻ جو الزام مڙهي ڇڏيو آهي ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حافظ نعيم چيو ته 30 ووٽر لسٽن ۾ ڦيرڦار موجود آهي، ان باوجود عوام جي ذڪر جوڳي انگ ووٽ ڪاسٽ ڪيو ۽ پ پ جي ڪيترن ئي ماڻهن به جماعت اسلامي کي ووٽ ڏنو آهي پر اسان جي اڪثريت کي گهٽائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي هن دعويٰ ڪندي چيو ته جماعت اسلامي اٽڪل 100 سيٽن تي ڪاميابي ماڻي آهي، رهيل سٽين تي به خدشو ۽ تڪرار آهي، فارم 11 وڏي مشڪل سان حاصل ڪيو آهي سندس چوڻ هو ته آر اوز وٽان اسان کي نتيجا ناهن ملي رهيا، چونڊن کي 18 ڪلاڪ گذري چڪا آهن پر اڃا تائين آر اوز وٽان نتيجا حاصل ناهن ٿي سگهيا جماعت اسلامي جي اڳواڻ چيو ته جيڪي آر اوز نتيجا تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن انهن کي روڪيو وڃي، اسان محنت ۽ جدوجهد ڪري چونڊون ڪرايون آهن، مسئلن جي ذميوارن کي وائکو ڪنداسين
