لاهور :ق ليگ صدر چوڌري شجاعت حسين پرويز الاهي جي پارٽي رڪنيت معطل ڪري ڇڏي.
لاهور ۾ ق ليگ صدر چوڌري شجاعت پرويز الاهي جي پارٽي بابت بيانن تي اجلاس گهرايو، جنهن ۾ طارق بشير چيما، سالڪ حسين ۽ شافع حسين شرڪت ڪئي اجلاس کانپوءِ پرويز الاهي کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ويو ۽ سندس رڪنيت معطل ڪئي وئي،شوڪاز ۾ چوڌري شجاعت طرفان چيو ويو آهي ته صوبائي صدر پارٽي کي ٻي جماعت ۾ ضم نٿو ڪري سگهي، پرويز الاهي غير آئيني ۽ غير قانوني قدم جي وضاحت ڏئي، ق ليگ سياسي جماعت طور پنهنجو ووٽ بئنڪ، ضابطا، منشور رکي ٿي، پرويز الاهي جا بيان پارٽي ضابطن جي ڀڃڪڙي آهن،شوڪاز ۾ چيو ويو آهي ته پرويز الاهي 7 ڏينهن اندر پنهنجي غير آئيني قدمن جي وضاحت ڏئي نه ته سندس خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، وضاحت اچڻ تائين پرويز الاهي جي پارٽي جي بنيادي رڪنيت معطل ڪئي وڃي ٿي
