ڪنڌڪوٽ: بخشاپور لڳ ڪارنھن تڪرار تان سانگي برادري جي ٻن ڌرين م جھيڙو لٺين ء ڪھاڙين جو وسڪارو لاھي ڏنو ھڪ ڄڻو قتل ٻھ زخمي

ڪنڌڪوٽ ( رپورٽ عبدالخالق چاچڙ ) بخشاپور لڳ ڪارنھن تڪرار تان سانگي برادري جي ٻن ڌرين م جھيڙو لٺين ء ڪھاڙين جو وسڪارو لاھي ڏنو ھڪ ڄڻو قتل ٻھ زخمي اسپتال داخل پوسٽ مارٽم بعد وارثن جي حوالي گهر پھچڻ تي قعورام مچي ويو ڪيس داخل نه ٿيو ، تفصيل موجب بخشاپور لڳ مياڻي ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڄام ميرل سانگي م سانگي برادري جي ٻن ڌرين م ڪارنھن تڪرار تان جھيڙو ٿي پيو ۽ ھڪ ٻئي لٺين ء ڪھاڙين جو وسڪارو لاھي ڏنو جنهن جي نتيجي م ڪھاڙي لڳڻ ، سبب ھڪ ڄڻو 35 سالن جو ممتاز سانگي ٿڏي تي قتل ٿي ويو جڏهن ته ٻھ ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا اھڙو اطلاع مياڻي ٿاڻي جي پوليس کي ڏنو ويو پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي زخمين کي اسپتال آندو قتل ٿي ويل مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن جي حوالي ڪيو ويو مقتول جو لاش گهر پھچڻ تي قعورام مچي ويو ٻئي ڌريون مورچا بند ٿي ويون آهن ڪنهن به وقت خونريزي وڌي سگهي ٿي واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي ۽ نه وري گرفتاري عمل م اچي سگهي آهي

پنھنجي راءِ لکو