اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته موجوده حڪومت پنهنجو آئيني مدو پورو ڪندي. ان موقعي تي هن ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي کان مطالبو ڪيو ته هو والاريل ڪشمير سميت سمورن مسئلن جي حل لاءِ سنجيده ڳالهيون ڪري،العربيه نيوز چينل کي انٽرويو ڏيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته نريندر موندي لاءِ منهنجو اهو پيغام آهي ته اچو ته ويهون ۽ سنجيده ڳالهيون ڪريون. انٽرويو دوران وزيراعظم چيو ته اسان جون ڀارت سان 4 جنگيون ٿيون آهن ۽ انهن ٽنهي جنگين دوران اسان کي وڌيڪ بدحالي جو منهن ڏسڻو پيو، اسان هاڻ سبق سکي ورتو آهي،سعودي عرب ۽ متحده عرب امارات جي دوري جي حوالي سان وزيراعظم چيو ته سعودي عرب ۽ متحده عرب امارات سميت ٻين دوست ملڪن هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي اسان هن تعاون کي سرمائيڪاري ۽ واپار جي شعبن ۾ وجهڻ چاهيون ٿا. متحده عرب امارات کي درخواست ڪئي آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت کي ڳالهين جي ميز تي ويهارڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري،وزيراعظم چيو ته سعودي عرب ۽ متحده عرب امارات پاڪستان جا پراڻا دوست ملڪ آهن. متحده عرب امارات منهنجو ۽ لکين پاڪستانين جو ٻيون وڏو گهر آهي. يو اي اي جي قيادت خاص طور تي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان جا ٿورائتا آهيون. شيخ زيد پاڪستان جو هڪ وڏو خير خواهه ۽ بهترين دوست هو، اسان سرمائيڪاري کي هٿي ڏيڻ چاهيون ٿا،وزيراعظم اهو به چيو ته ٻنهي ملڪن سان صديون پراڻا ڀائرن وارا لاڳاپا آهن جيڪي احترام، مذهب، ثقافت ۽ تاريخي لاڳاپن تي ٻڌل آهن. پاڪستان بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ شهباز شريف چيو ته منهنجي حڪومت ۾ ڪرپشن جي ڪابه گنجائش ناهي. منهنجو اهو وزن ناهي ته هر وقت ٻين ملڪن کان ئي مدد گهري وڃي. پاڪستاني قوم هڪ بهادر ۽ محنتي قوم آهي. منهنجو اهو ايمان آهي ته پاڪستاني قوم هڪ ڏينهن ضرور پنهنجن پيرن تي بيهندي،وزيراعظم اهو به چيو ته ڀارت 5 آگسٽ 2018 جو هڪ طرفو غيرقانوني قدم واپس وٺي. پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ 3 جنگيون لڳي چڪيون آهن. انهن جنگين جا نتيجا وڌيڪ غربت، بيروزگاري ۽ لکين ماڻهن جي زندگين ۾ خراب نتيجن جي طور تي سامهون آيا،
