سکر (بيورو رپورٽ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان پ پ پ جي اڳوڻي ايم پي اي جاويد حسين شاهه جي ملاقات، موجوده سياسي صورتحال سنڌ جي ترقي سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون، پ پ ايم پي اي سيد جاويد حسين شاهه پاران ڪراچي ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ملاقات ڪري سکر سميت سڄي سنڌ ۾ ٿيندڙ ترقياتي ڪمن توڙي عوامي خدمت تي ٿورو مڃيو، وڏي وزير جو چوڻ هو ته سنڌ جي عوام جي خدمت ڪرڻ اولين فرضن ۾ شامل آهي، پ پ ڪو چيئرمين آصف علي زرداري، پ پ چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري صاحب جي هدايتن تي هلندي عوامي خدمت وارو سلسلو جاري رهندو، اڳوڻي ايم پي اي سيد جاويد حسين شاهه جو چوڻ هو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سيد مراد علي شاهه برسات کان وٺي غريب ماڻهن جي هر ممڪن مدد ڪئي آهي، ايندڙ دور به پيپلزپارٽي جو هوندو ايندڙ وزيراعظم بلاول ڀٽو زرداري هوندو
