اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان عمران خان، اسد عمر ۽ فواد چوڌري خلاف توهين اليڪشن ڪميشن ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو،اليڪشن ڪميشن ۾ عمران خان، اسد عمر ۽ فواد چوڌري خلاف توهين اليڪشن ڪميشن ڪيس جي ٻڌڻي اڄ اڱاري 17 جنوري تي ٿي جنهن ۾ گرفتاري وارنٽ جاري ٿيڻ باوجود عمران خان پيش نه ٿيو،اليڪشن ڪميشن بلوچستان جي ميمبر پڇاڻو ڪيو ته عمران خان، اسد عمر ۽ فواد چوڌري ڪٿي آهن؟ ڪي پي ڪي جي ميمبر چيو ته هاءِ ڪورٽ صرف گرفتاري وارنٽ معطل ڪيا آهن، پيش ٿيڻ کان ناهي روڪيو، حاضري کان ڇوٽ جي درخواست به داخل ناهي ڪئي وئي. اليڪشن ڪميشن چيو ته جيڪڏهن ڌريون پيش نه ٿيون ته اسان آرڊر جاري ڪنداسين،پي ٽي آءِ جي جونيئر وڪيل پنهنجي موقف ۾ چيو ته سينئر ڪائونسل موجود ناهي ان لاءِ پيش نٿا ٿي سگهن. مددگار وڪيل چيو ته فيصل چوڌري ۽ ٻيا وڪيل لطيف آفريدي جي جنازي ۾ ويل آهن،اليڪشن ڪميشن جي ميمبر چيو ته ڌريون جيڪڏهن پيش نه ٿيون ته اسان وڪيلن جا وڪالت ناما رد ڪنداسين، ڌرين کي حاضري جي لاءِ آخري موقعو ڏيون ٿا. جنهن کان پوءِ اليڪشن ڪميشن ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪندي ٻڌڻي 24 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي
