ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ميئر جو اميدوار اسان جو حق آهي، پر ان سلسلي ۾ ٻين سياسي پارٽين سان به ڳالهيون ڪيون وينديون،جماعت اسلامي سان به رابطا ڪيا پيا وڃن،ڪراچي ۾ 15 جنوري تي ٿيندڙ مڪاني چونڊن بابت سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته اسان چونڊن کان ڀڄي نه رهيا هئاسين اسان ته هر وقت اهوئي چوندا هئاسين ته چونڊون ڪرائڻ گهرجن. مڪاني چونڊن مان اهو ثابت ٿيو ته پي ٽي آءِ کي سموري سنڌ رد ڪري ڇڏيو آهي،پاڪستان تحريڪ انصاف تي تنقيد ڪندي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته پي ٽي آءِ سال 2018 ۾ زندگي جي هڪ ئي چونڊ وڙهي. 2018 جي چونڊن ۾ پي ٽي آءِ ايم اين ايز ته شام جو گهر وڃي سمهي رهيا هئا، انهن کي صبح جو خبر پئي ته کٽي ويا آهيون،سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ڪوشش آهي ته جماعت اسلامي سان ملي ڪم ڪريون ان سلسلي ۾ هنن سان رابطي ۾ آهيون. جماعت اسلامي ڪراچي جي امير جي بيان تي رد عمل ڏيندي وڏي وزير چيو ته ٽي وي تي ڏٺو ته حافظ نعيم نتيجن جي دير سان جاري ٿيڻ تي اعتراض ڪيو. مان اهو واضح ڪري ڇڏيان ته حافظ نعيم کي فون ڪري چيو هو ته چونڊ نتيجا اسان کي به نه پيا ملن، ميئر اسان جو حق آهي ان سلسلي ۾ ٻين پارٽين سان به ڳالهيون ڪنداسين
