ڪنڌڪوٽ ڊسٽرڪٽ رپورٽر ،جميعت علماء طاهريه ڪنڌڪوٽ جي زير نگراني م ڳوٺ سردار محمد صلاح خان گولو م جلسه بسلسله خلفا۽ راشدين منقعد ڪيو ويو جنهن م ضلعي جوائنٽ سيڪريٽري مولانا منظور احمد طاهري ۽ عبدالمجيد گولو نعتون پڙھي ماڻھن کان خوب داد وصول ڪيو ان موقعي تي جميعت علماء طاهريه ڪنڌڪوٽ ضلع صدر مولانا محمد عالم اوڳاهي طاهري نائب صدر مولانا سائين بخش ملڪ طاهري خطاب ڪندي چيو ت ملڪ جون معاشي حالاتون تمام پوئتي وڃن پيون ان ڪري توهان اسان کي صحاب ڪرام جي زندگي اپنائڻ گهرجي جو اصحاب ڪرام غربت جي باوجود ڪڏھن بک جي ڪري چوري نه ڪئي ڪڏھن ڪنهن خدا جي مخلوق کي ن ايذايو پر پنهنجي ضرورت کي ٻين جي ضرورت تي قربان ڪري ڇڏيندا هئا جو مسڪين اٻوجھ ماڻھن کي سٺو رستو ٻڌائيندا آيا آھن اڄ جو مسلمان ت ان جي ابتڙ ٿي ويو آھي جو ڪنهن غريب جو مال ۽ ن ئي ڪنهن جي جان جي حفاظت ٿئي سگهي ٿي ان ڪري اچو اڄ عزم ڪيون ت اصحابه ڪرام جي زندگي کي اپنائي مسمانن جي رهنمائي ڪيون انهن جي حفاظت ڪيون پنهنجي هٿ سان ۽ زبان سان ڪنهن کي تڪليف ن پهچايون بعد م ملڪ پاڪستان جي لاء دعا خير گهري لنگر تقسيم ڪيو ويو
