ڪنڌڪوٽ پوري ملڪ جيان ڪنڌڪوٽ ۾ به جماعت اسلامي جي مرڪزي سڏ تي ڪراچي ۾ ٿيل مڪاني چونڊن ۾ پيپلز پارٽي پاران مبينا ڌانڌلي ڪري نتيجا تبديل ڪرڻ خلاف،احتجاج

ڪنڌڪوٽ ڊر؛ ڪنڌڪوٽ پوري ملڪ جيان ڪنڌڪوٽ ۾ به جماعت اسلامي جي مرڪزي سڏ تي ڪراچي ۾ ٿيل مڪاني چونڊن ۾ پيپلز پارٽي پاران مبينا ڌانڌلي ڪري نتيجا تبديل ڪرڻ خلاف ڊپٽي سيڪريٽري سنڌ عبدالحفيظ بجاراڻي، ضلعي امير غلام مصطفيٰ ميراڻي، قاري سليم اللّٰه خلجي، شبير احمد ميراڻي، عبيداللّٰه گولو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالھائيندي اڳواڻن چيو ته اليڪشن ڪميشن جا جعلي نتيجا ڪڏهن به قبول نه ڪنداسين جماعت اسلامي جي واضح مينڊيٽ تي ڌاڙو ھنيو ويو آهي تاريخ گواھه آهي ته سنڌ ۾ جڏھن به چونڊون ٿيون آهن پيپلز پارٽي ڌانڌلي ذريعي ھميشا اقتدار حاصل ڪيو آهي ھن دفعي به ڪراچي ۾ مڪاني چونڊن ۾ حڪومتي مشينري استعمال ڪري عوام جي اڪثريت راءِ کي اقليت ۾ تبديل ڪري اليڪشن کٽي آهي ڪيترائي ڪلاڪ الڪيشن ڪميشن نتيجا روڪي بعد ۾ نتيجا تبديل ڪري ڇڏيا ڌانڌلي ذريعي پي پي کي فاتح قرار ڏنو ويو جماعت اسلامي مڪاني چونڊن ۾ فارم 11 ۽ 12 ذريعي 96 سيٽون حاصل ڪيون آهن سنڌ ۾ آر اوز ھميشا عوام جي راءِ جو قتل وعام ڪيو آهي ڪراچي ۾ به ائين ڪيو ويو آهي جماعت اسلامي ڪراچي جي عوام جو مينڊيٽ چوري ڪرڻ ڪنهن کي به نه ڏيندي جماعت اسلامي جا جائز مطالبا تسليم نه ٿيڻ تائين احتجاج جو سلسلو جاري رکيو ويندو،
،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،

پنھنجي راءِ لکو