ڪنڌڪوٽ ڊسٽرڪٽ رپورٽر
ضلع ڪشمور جي ڳوٺ دليجان ملڪ ۾ يو ايس ايڊ جي مالي سهڪار سان هلندڙ سنڌ بيسڪ ايجوڪيشن پروگرام تحت تعمير ٿيل گورنمينٽ گرلز هاء اسڪول دليجان ملڪ جي افتتاحي تقريب منعقد ڪئي وئي. افتتاحي تقريب ۾ ، ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور منور علي مٺياڻي، ضلعي ايجوڪيشن آفيسرن ۽ ٻين شرڪت ڪئي ۔ ڊپٽي ڪمشنر ريبن ڪٽي افتتاح ڪيو ، تعمير ٿيل اسڪول جو دورو پڻ ڪيو ،تقريب سان خطاب ڪندي طارق مسعود سنيئر مينيجر سنڌ بيسڪ ايجوڪيشن پروگرام چيو ته سنڌ بيسڪ پروگرام تحت امريڪي عوام جي سهڪار سان سنڌ جي سرڪاري اسڪولن لاء سنڌ جي 10 ضلعن ۾ 106 اسڪول تعمير ڪري رهيا آهيون جنهن مان 88 اسڪول تعمير ٿي چڪا آهن جنهن ۾ هزارين ٻار تعليم حاصل ڪندا .اڄ ڪشمور ضلعي تعلقه تنگواني ۾ واقع نئين تعمير ٿيل گورنمينٽ هاء اسڪول دليجان ملڪ جي افتتاحي تقريب منعقد ڪئي وئي آهي .اسڪول USAID جي فنڊنگ سنڌ بيسڪ ايجوڪيشن پروگرام (SBEP) جي سهڪار سان تعمير ڪيو ويو آهي ۔ڊپٽي ڪمشنر منور علي مٺياڻي تعليم جي اهميت کي ورجائيندي چيو ته، ”هاڻي، اسان وٽ. ڳوٺ دليجان ملڪ ۾ اسٽيٽ آف آرٽ اسڪول آهي ، هاڻي مون کي ڪو به سبب نظر نه ٿو اچي ته جو والدين پنهنجي ٻارن کي تعليم جي حق کان محروم ڪن ۔ USAID جي تعاون سان ماڊل اسڪول ڏسي خوشي ٿي آهي اسان USAID جا مشڪور آهيون جنهن تعليم لاء اهڙا قدم کنيا آهن ۔ تقريب جي آخر ۾ تعمير ٿيل اسڪول تعليم کاتي پاران ذيبسٽ جي حوالي ڪيو ويو. تقريب ۾ اسڪول مينيجمينٽ ڪميٽين ، ڪميونٽي جا ميمبر، والدين، استاد، شاگرد ۽ سول سوسائٽي جا ميمبر پڻ تقريب ۾ موجود هئا
