پشاور: خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير جو اڄ ئي اسيمبيلي ٽوڙڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

پشاور: خيبرپختونخوا جي وڏي وزير محمود خان اڄ ئي اسيمبلي ٽوڙڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو صوبائي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي وڏي وزير محمود خان چيو ته ڪي پي اسيمبلي ٽوڙڻ لاءِ سمري موڪلي ويندي ۽ ملڪي مفاد کي نظر ۾ رکندي اسيمبلي اڄ ئي ٽوڙينداسين هن چيو ته گذريل چار سال انتهائي خير خوبيءَ سان گذريا، ڪابينا ميمبرن، حڪومتي ۽ مخالف ڌر ميمبرن ۽ بيورو ڪريسي جو ٿورائتو آهيان، عوام جو خاص طور تي ٿورائتو آهيان جن مون تي اعتماد ڪيو.
هن چيو ته عام چونڊن ۾ سڄي ملڪ مان واضح اڪثريت حاصل ڪري حڪومت ٺاهينداسين، امپورٽڊ حڪمرانن سبب ملڪ ۾ عدم استحڪام آهي، هاڻي ڪرپٽ ٽولي کان ڇوٽڪارو اڻٽر ٿي چڪو آهي ٻئي پاسي ڪي پي سرڪار جي ترجمان بيئرسٽر سيف به دعويٰ ڪئي آهي ته خيبرپختونخوا جي وڏي وزير اڄ رات 12 وڳي کان اڳ اسيمبلي ٽوڙڻ واري سمري صحيح ڪري موڪلي ڇڏيندو.
هوڏانهن خيبرپختونخوا اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ اڪرم خان دراني چيو آهي ته وڏي وزير ويجهي ساٿي ذريعي پيغام ڏنو ته عدم اعتماد پيش ڪيو، ٽن وزيرن جي سندس پاران موڪيل ماڻهو سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي آهي

پنھنجي راءِ لکو