سکر(بيورورپورٽ) پاڪستان ميڊيا ڪائونسل ضلعي سکر جي وفد سچ نيوز جي سينيئر ڪئميرامين اشفاق احمد کوسو کي ڪيمرا مين اينڊ فوٽو جرنلسٽ ايسوسيئيشن سکر جو سينيئر نائب صدر ۽ ڪورٽ رپورٽر ايسوسيئشن جو آفيس سيڪريٽري منتخب ٿيڻ سچ نيوز جي آفيس پهچي مبارڪباد ڏني وفد ۾ پاڪستان ميڊيا ڪونسل سنڌ جي جنرل سيڪريٽري حاجي محمد رياض کوکر، ضلعي صدر فضل الرحمان ڀٽو، نائب صدر ماجد محمود، جنرل سيڪريٽري نعيم اختر راجپوت، تنظيم پاڪستان جو سربراهه ڊاڪٽر سعيد اعواڻ ۽ ٻيا شامل هئا وفد اشفاق کوسو جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو ته اشفاق احمد کوسو پنهنجي محنت ۽ لگن سان اڄ هن مقام تي پهتو آهي، اڄ کيس سندس ايمانداري جو ثمر مليو آهي اسان کيس دعاگو آھيون ته هو ان ذميداري کي پورو ڪري پنھنجي صحافي ڀائرن جي حقن لاء هميشه جدوجهد ڪندي پنھنجون زميداريون بهتر نموني سان نڀائي
