ڪنڌڪوٽ ڊسٽرڪٽ رپورٽر ،شھيدعوام محمد فاضل راھو جي 36 ھين ورسي جي تقريب انتھائي عقيدت سان ملھائي وئي ورسي جي تقريب جي صدارت فدا محمداڻي خاص مھمان ارصلاح بھلڪاڻي اعزازي مھمان سجاد بروھي غلام رسول گولو ھو آجياڻي تقرير شاھ علي ڪئي اسٽيج سيڪريٽري مصطفا اوڳاھي ھو شريڪ دوست رحمت الله ڇڄڻ اياز قمبراڻي رزاق سبزوئي رميش لعل گھرام غفار ملڪ فرحان ملڪ محمد حسن موتي رام ديوان لعل اڪرم سھرياڻي جمالدين بھلڪاڻي عابد علي احمد خان ۽ ٻين شرڪت ڪئي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو تـ
شھيد فاضل راهو صاحب جي ڪردار جو ڪمال رڳو اهو نہ هو تہ هو سراپاِ احتجاج ۽ مستقل مزاجي سان مزاحمت جي ميدان ۾ عوام جو عشق ۽ عاشق بڻجي توڙ تائين بيٺو رهيو پر ان کان پھرين سندس ڪمال ۽ وڏو سوال اهو هو تہ هو آيو ڪهڙي طبقي مان هو! اڪثر ماڻھو پنهنجي طبقاتي بالادستي مان نڪري، هيٺ اچي عوام سان ملي، عوام جا ٿي، عوام لاءِ صفا نج عوامي ناهن ٿيندا ۽ توڙ ناهن نڀائيندا. فاضل وٽ تمام گهڻي زمين هئي، هو بکيو نہ هو پر هن کي بکين جو قدر هو ۽ نہ رڳو فاضل صاحب قدر جي حد تائين هارين جي مدد ڪئي پر سنڌ جي فڪري استاد، ذھنتراش ڪردار محترم رسول بخش پليجي صاحب جي سياسي صحبت ۾ اچي وطن دوست انقلابي پورهيت نظريي کي هٿيار بڻائي سماجي بي سُراين سان وڙھيو اسين اڄوڪي ڏينھن تي سندس 36 ھين ورسي جي موقعي تي سرخ سلام پيش ڪيون ٿا
