45

ايران آمريڪي شهرين يا اڏن کي نشانو بنايو ته کيس سنگين نتيجا ڀوڳڻا پوندا: آمريڪا جي ڌمڪي

) ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ کان پوءِ آمريڪا واضح لفظن ۾ ايران کي آگاهه ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن ايراني قيادت ڪنهن به آمريڪي شهري، فوجي اڏي يا اهم انفرااسٽرڪچر کي نشانو بنايو ته انهي کي سنگين نتيجا ڀوڳڻا پوندا. اها آگاهي گڏيل قومن جي سلامتي ڪونسل ۾ آمريڪي نمائندي طرفان ڏني وئي، جتي تازو اسرائيلي حملن ۽ ايران جي جوابي ڪارروائي تي بحث جاري آهي. آمريڪا اسرائيل جي ايران تي حملي کي انهي جو(حق دفاع) قرار ڏيندي چيو آهي ته موجوده حالتن ۾ اسرائيل کي پنهنجي تحفظ جي لاءِ جيڪي قدم کڻڻ محسوس ٿيا اهي ان کنيا جيڪي تمام گهڻو لازمي هئا. آمريڪي بيان ۾ اهو به چيو ويو آهي ته ايران کي ڪڏهن به ايٽمي هٿيار حاصل ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، انهي مقصد جي علاءِ عالمي ڪوششون جاري رهنديون. واشنگٽن انهي موقعي تي ايراني قيادت کي اهو مشورو به ڏنو ته اهو صورتحال کي وڌيڪ خراب ڪرڻ جي بجاءِ سنجيده ڳالهين جو رستو اختيار ڪري ڇو ته هي وقت صبر جو آهي نه وري تڪرار جو. آمريڪا طرفان اهو به مڃيو ته اسرائيل طرفان ايران تي ٿيل تازن حملن بابت اڳواٽ اطلاع ڏني وئي هئي پر آمريڪي اختيارين زور ڏيندي چيو هو ته اهڙن حملن ۾ آمريڪا جو ڪوبه عملي ڪردار نه هو. خطي جي خراب ٿيل صورتحال جي حوالي سان آمريڪا جي اها وارننگ چٽي طور تي انهي ڳالهه جي عڪاسي ڪري ٿي ته آمريڪا جو اهو بيان حقيقت ۾ هڪ طرف ته ايران کي روڪڻ جي ڪوشش آهي، ته ٻئي طرف اسرائيل به پنهنجي حمايت جو واضح پيغام ڏنو ويو آهي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو