گڏيل قومن جي سلامتي ڪونسل ۾ چين ۽ روس پنهنجي موقف ۾ چيو آهي ته اسرائيل ايران جي خودمختاري جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، اسرائيل جو ايران تي حملن جو ڪوبه جواز نه آهي. سلامتي ڪونسل جي اجلاس ۾ چيني سفير فوڪانگ اسرائيل جي ايران تي حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته اهو حملو ايران جي سلامتي خودمختاري جي ڀڃڪڙي آهي، چين کي اسرائيل تي حملن جي حوالي سان تمام گهري ڳڻتي آهي ڇو ته اهڙن حملن جا نتيجا اسرائيل کي به ڀوڳڻا پوندا. چيني سفير زور ڏيندي چيو آهي ته ڇڪتان ۾ اضافو ڪنهن به ڌر جي حق ۾ نٿو وڃي. اسان مطالبو ڪريون ٿا ته اسرائيل خطرن سان ڀريل انهي فوجي ايڪشن کي فوري طور تي بند ڪري ۽ وڌيڪ ڇڪتاڻ کي وڌائڻ کان پاسو ڪيو وڃي. چيني سفير چيو ته اسرائيل ايران جي ايٽمي ٺڪاڻن کي نشانو بنائي هڪ ٻئي ريڊ لائن ڪراس ڪئي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ جنگ کي وڌيڪ پکڙجڻ کان روڪڻو پوندو. اسرائيلي قدمن سان خطرناڪ نتيجا سامهون اچي سگهن ٿا. ايران جي خودمختاري ۽ سلامتي تي اسرائيلي حملو عالمي امن جي لاءِ خطرو آهي. سلامتي ڪونسل ۾ روس جي ايلچي به چيو آهي ته ايران تي اسرائيل جي حملن جو ڪوبه جواز نه آهي، اشتعال انگيزي جي حمايت نٿي ڪري سگهجي، جنگ ڪنهن جي به مفاد ۾ نه آهي. روسي ايلچي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته جارحانه قدمن کي قبول ڪرڻ عالمي امن جي لاءِ سنگين خطرو آهي، عالمي برادري اشتعال انگيزي سان نٿي بيهي سگهي، ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ لاءِ روس سفارتي ڪوششن جي حمايت ڪندو.
