36

سنڌ جي وڏي وزير جي پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس: وفاق کي ڏوراپا، عوام سان واعدا

 سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس ۾ وفاق کي ڏوراپا ۽ عوام سان واعدا ڪيا آهن. نئين مالي سال 2025-26 جو بجيٽ گذريل ڏينهن پيش ڪرڻ کان پوءِ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اڄ پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس ڪندي بجيٽ جي ترجيحاتي منصوبن ۽ وفاقي حڪومت کان خدشن تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. هن واضح ڪيو ته صوبائي بجيٽ جو گڏيل حجم 3.45 کرب روپيه آهي جنهن ۾ ترقياتي منصوبن جي لاءِ 1018 ارب روپيه رکيا ويا آهن. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته جيڪڏهن وفاق واعدا  پورا ڪيا ته اهي انگ اکر وڌيڪ وڌي سگهن ٿا. ڇو ته گذريل سال به وفاق طرفان رقم جي منتقلي گهٽ ڪئي وئي. هن اعلان ڪيو ته هلندڙ سال 590 ارب روپين جي لاڳت سان ترقياتي اسڪيمون مڪمل ڪيون وينديون جنهن جو انگ 1460 هوندي، جڏهن ته هڪ رڪارڊ آهي، پگهارن ۾ به وڏي اڳڀرائي سامهون آئي جتي گريڊ 1 کان 16 تائين جي ملازمن جي پگهارن ۾ 12 سيڪڙو ۽ گريڊ 17 کان 22 تائين جي ملازمن جي پگهارن ۾ 10 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي. گڏيل طور تي پگهارن ۽ پينشن جا خرچ 11 ارب روپيه هوندا. سنڌ جي وڏي وزير موجب تعليم جي بجيٽ ۾ 18 سيڪڙو، صحت ۾ 11 سيڪڙو، مقامي حڪومتن ۾ 5 سيڪڙو ۽ توانائي کاتي ۾ 16.5 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي. زراعت جو ترقياتي بجيٽ ساڍا 22 ارب روپيه رکيو ويو آهي. جڏهن ته ٽرانسپورٽ کاتي کي 59.6 ارب روپيه ڏنا پيا وڃن. مقامي حڪومتن کي 132 ارب ۽ آبپاشي جي لاءِ 43 ارب روپيه رکيا ويا آهن. ڪراچي جي لاءِ 236 ارب روپين جو خصوصي بجيٽ رکيو ويو آهي، جنهن ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جا 95 ارب  روپين جا جاري منصوبا شامل نه آهن. ٻوڏ متاثرين جي بحالي تي به سنڌ جي وڏي وزير وڏا دعويٰ ڪيا جنهن موجب 5 لک گهر مڪمل ٿي چڪا آهن. ساڍا 8 لک گهر مڪمل ٿيڻ وارا آهن ۽ 13 لک تعمير هيٺ آهن. انهي منصوبي کي ورلڊ بينڪ سميت عالمي ادارا دنيا جو سڀني کان وڌيڪ ڪامياب ماڊل قرار ڏئي رهيا آهن. هن ٻڌايو ته ڳوٺن ۾ 600 ارب روپين جي لاڳت سان پاڻي نيڪالي جو وڏو منصوبو به جاري آهي جيڪي ڳوٺاڻا پاڻ تعمير ڪندا ۽ انهي جي نگراني غير سرڪاري ادارا ڪندا. ٽيڪس پاليسي جي حوالي سان مراد علي شاهه دعويٰ ڪئي ته ڪوبه نئون ٽيڪس ناهي لڳايو ويو پر ڪيترائي ٽيڪس ختم ڪيا ويا آهن  جيئن ريسٽورينٽس ۽ انٽرٽينمينٽ ٽيڪس، موٽر سائيڪل تي ٿرڊ پارٽي کي انشورنس جي ڇوٽ ڏني وئي آهي، اسٽامپ ڊيوٽي گهٽ ۽ ٻيون ڪيتريون ئي فيسون اڌ ڪيون ويون آهن.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو