ڪنڌڪوٽ:غوثپور شھر جي مسجد محلي ۾ اڻ ڄاتل چور رات دير سان ھندو واپاري سنيل ڪمار سوناري جي گھر ۾ گھڙي سندس گھر جا تالا ڀڃي لکين روپين جا سونا زيور ۽ ھڪ لک روپيه روڪ رقم ۽ ٻيو قيمتي سامان چورائي فرار ٿي ويا

ڪنڌڪوٽ ڊسٽرڪٽ رپورٽر

غوثپور شھر جي مسجد محلي ۾ اڻ ڄاتل چور رات دير سان ھندو واپاري سنيل ڪمار سوناري جي گھر ۾ گھڙي سندس گھر جا تالا ڀڃي لکين روپين جا سونا زيور ۽ ھڪ لک روپيه روڪ رقم ۽ ٻيو قيمتي سامان چورائي فرار ٿي ويا۔ اھڙي واقعي جي اطلاع ملڻ تي غوثپور پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي گھر ڌڻي کان واقعي جا تفصيل ورتا ۽ جا۽ واردات جو معائنو پڻ ڪيو۔ پوليس واقعي جي اين سي داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڏني۔ ٻئي پاسي گھر ڌڻي جي وڏي ڀاء يوگيش سوناري رابطي ڪرڻ اي ڊي اين نيوز کي ٻڌايو ته منھنجي ڀاء جو ساھرو فوت ٿي ويو ھيو جنھنڪري ھو فيملي سميت ڪنڌڪوٽ ويل ھيو اڄ صبح جو اٿياسين ته گھر جا تالا ڀڳل ھيا ۽ المارين جا تالا ڀڃي سامان ڪڍيو ويو۔ جنھن ۾ لک کان وڌيڪ نقدي۔ سونا زيور ۽ قيمتي ڪپڙا نڪتل نظر آيا۔ پوليس کي اھڙو اطلاع ڏنو آھي۔۔

پنھنجي راءِ لکو