اسرائيل ۽ ايران جي وچ ۾ جاري جنگ دوران سعودي فرمانروا شاهه سلمان بن عبدالعزيز جو بيان سامهون اچي ويو آهي. خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان هدايت جاري ڪئي آهي ته سعودي عرب ۾ ايراني زائرين جي تحفظ کي يقيني بنايو وڃي، حج ۽ عمري واري وزارت ايراني زائرين کي سهولتون ڏئي. شاهه سلمان بن عبدالعزيز چيو ته ايران ۾ حالتون معمول تي اچڻ تائين زائرين اسان جا مهمان آهن. گذريل ڏينهن 16 لک کان وڌيڪ پانڌيئڙن حج جي سعادت حاصل ڪئي جن ۾ هزارين ايراني شهري به شامل آهن. ياد رهي ته اسرائيل جمعي جي صبح ايران ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي فضائي حملا ڪيا جن ۾ فوجي قيادت جي رهائشگھاهن ۽ فوجي ٺڪاڻن کي نشانو بنايو ويو اسرائيلي حملن ۾ 6 سائنسدانن سميت 78 ڄڻا شهيد ٿي ويا هئا. هوڏانهن ڏيڍ سئو کان وڌيڪ ميزائل فائر ڪري ايران به اسرائيل جي خلاف انتقامي ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي.
