7

جيڪو ماڻهو پنهنجي لاءِ سيٽ نٿو کٽي سگهي، اهو اسان کي ليڪچر نه ڏئي: عظميٰ بخاري جي حسن مرتضيٰ تي تنقيد

 پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري جو حسن مرتضيٰ جي بيان تي رد عمل سامهون اچي ويو آهي. صوبائي راڄڌاني مان جاري ڪيل پنهنجي هڪ بيان ۾ عظميٰ بخاري چيو ته اوهان ماڻهو پرائيويٽ محفلن ۾ ويهي پاڻ مڃيندا آهيو ته مريم نواز جي ڪارڪردگي پنجاب ۾ پيپلز پارٽي کي ڳرو نقصان پهچائي رهي آهي. هن چيو ته مريم نواز ڊيليور ڪري رهي آهي، ماڻهن کي رليف ڏئي رهي آهي، پنجاب جي وزيراعليٰ 16 مهينن کان ماڻهن کي خواب نه پئي ڏيکاري، پر غريب ماڻهن جا خواب پورا ڪيا پيا وڃن، ڪجهه ڏينهن اڳ ئي اوهان سمبڙيال جي گهٽي گهٽي ۾ وڃي مريم نواز جي حڪومت جو نتيجو ڏسي آيا آهيو. پنجاب جي اطلاعات واري وزير چيو ته اوهان جي عقل ۽ شعور جو عالم اهو آهي ته پنجاب جو بجيٽ اڃان پيش نه ٿيو آهي ته اوهان اڳ ئي انهي کي رد ڪري رهيا آهيو. عظميٰ بخاري وڌيڪ چيو ته جيڪو شخص پنهنجي سيٽ نٿو کٽي سگهي اهو اسان کي ليڪچر نه ڏئي، جيڪڏهن ڪجهه ٻڌائڻ ۽ ڏيکارڻ لاءِ هجي ته سال ڏيڍ سال ڪافي هوندو آهي جيڪڏهن نه ڪجهه بڌائڻ جي لاءِ هجي نه ڪجهه ڇاپڻ جي لاءِ ته پوءِ 16 سال به گهٽ ٿي ويندا آهن.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو