ڪراچي: ڪي اليڪٽرڪ جي بجلي صارفين لاءِ سٺي خبر اچي وئي، هڪ مهيني جي لاءِ بجلي جي في يونٽ قيمت ۾ 10 روپيه 26 پئسا گهٽتائي جو امڪان آهي،رپورٽ موجب ڪي اليڪٽرڪ نيپرا ۾ فيول چارجز ايڊجسٽمنٽ جي مد ۾ گهٽتائي جي درخواست داخل ڪئي جنهن جي ٻڌڻي 30 جنوري تي ٿيندي. منظوري کان پوءِ ڪراچي جي بجلي صارفين کي 12 ارب روپين کان وڌيڪ جو رليف ملندو،ڪي اليڪٽرڪ گذريل مهيني ڊسمبر جي ايف سي اي جي مد ۾ گهٽتائي جي درخواست داخل ڪئي هئي. هوڏانهن نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي(نيپرا) ڪي اليڪٽرڪ لاءِ بجلي جي قيمت ۾ مختلف ڪيٽيگريز ۾ 1.48 روپين کان وٺي 4.49 روپيه واڌ جي منظوري ڏني هئي اها ايڊجسٽمينٽ آڪٽوبر، نومبر، ڊسمبر 2022 ۽ جنوري 2023 ۾ استعمال ٿيل يونٽ تي چارج ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو جيڪا جنوري کان اپريل 2023 تائين 4 مهينن ۾ وصول ڪئي ويندي
