جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته اسرائيل ۽ آمريڪا جو ٻيو ٽارگيٽ پاڪستان آهي. حافظ نعيم الرحمان منصوره لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته آمريڪا سڀني کان وڌيڪ منافق طاقت جي طور تي سامهون آيو آهي، آمريڪا هڪ طرف جنگبندي جون ڳالهيون ڪري رهيو آهي ۽ ٻئي طرف اسرائيل کي فوجي امدادي به ڏئي رهيو آهي، ايران تي ايٽمي هٿيارن جو الزام لڳايو پيو وڃي. هن چيو ته آمريڪا نسل ڪشي ۽ ناحق قتل عام ڪري رهيو آهي، سمورا مسلمان ملڪ ايران سان گڏ آهن، ڪجهه ملڪ جيڪي اسرائيل جي پٺڀرائي ڪري رهيا آهن اهي ياد رکن ته انهن جو خواب گريٽر اسرائيل آهي، اسرائيل ايران ۾ مرضي جي رجيم چينج ڪري پنهنجون سرحدون وڌائڻ چاهي ٿو. حافظ نعيم الرحمان چيو ته اسرائيل ۽ آمريڪا جو ٻيو ٽارگيٽ پاڪستان آهي جنهن جو اظهار به هو ڪندو رهيو آهي. پاڪستان جو ايٽمي پروگرام اسرائيل کي کٽڪي رهيو آهي. هن چيو آهي ته امن جي نالي تي ووٽ وٺي ايندڙ ٽرمپ امن تباهه ڪري رهيو آهي، ٽرمپ جي ٽياڪري ڪشمير جي مسئلي کي حل نٿي ڪري سگهي، ايران جي حمايت ڪرڻ مسلمان ملڪن جي ذميواري آهي ٻئي صورت ۾ ڪير به نه بچندو. جماعت اسلامي جي امير وڌيڪ چيو آهي ته حڪومت عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن جو بهانو بنائي تيل مهانگو ڪري ڇڏيو، پيٽرول جي قيمت تان ليوي ختم ڪريو، قيمت 40 سيڪڙو گهٽ ٿي ويندي، بجيٽ ۾ عوام تي تمام گهڻو ٽيڪس لڳايو ويو آهي.
