53

بجيٽ گمراهه ڪندڙ ۽ فراڊ آهي، عوام جي گلي تي ڇُري ڦيري وئي: عمر ايوب خان

قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن اڳواڻ ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عمر ايوب خان چيو آهي ته نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ عوام کي گمراهه ڪيو ويو، بجيٽ 26-2025 ۾ عوام جي گلي تي ڇري ڦيري وئي آهي گذريل 3 سالن جي دوران عام واهپي وارين شين جي قيمتن ۾ تمام گهڻو اضافو ڪيو ويو آهي. اسلام آباد ۾ ٻين پارٽي اڳواڻن سان گڏ صحافين سان ڳالهيون ڪندي عمر ايوب وفاقي حڪومت تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته منهنجي بجيٽ تقرير دوران مڪمل بليڪ آئوٽ ڪيو ويو. قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ تقرير جي دوران انٽرنيٽ سروس به معطل ڪئي وئي، اسان جي پارٽي جي ايران جي حق ۽ اسرائيل جي مخالفت ۾ قرارداد کي به لائيو نشر نه ڪيو ويو. هن چيو ته پاڪستان ۾ ورچوئل مارشل لا لڳل آهي هتي نه اظهار جي آزادي جي اجازت آهي نه ئي جمهوريت، جهڙي طرح اسان جي حقن کي غضب ڪيو ويو اهي سڀني جي سامهون آهن. تحريڪ انصاف جي اڳواڻ چيو ته وفاقي حڪومت جو 6 هزار 500 ارب روپيه خساري سان گڏ نئين مالي سال جو بجيٽ لاڳو ٿيڻ کان اڳ ئي پنهنجي موت پاڻ مري ويندو. ناڻي  واري وزارت ۾ بجيٽ آڻڻ کان اڳ خساري جو سائز، آمدني، ايڪسچينج ريٽ ڪير هوندو انهي جو ادازو لڳايو ويندو آهي ڇو ته انهي ۾ قرضن جي وياج سان گڏ واپسي ۽ پنهنجي خرچن کي به آڏو رکندي ٽريڊ بيلنس جو به ڌيان رکڻو پوندو آهي پر هتي اهڙو ڪجهه به ناهي ٿيو. هن چيو ته ايران اسرائيل ڇڪتاڻ جي پهرين ڏينهن ئي تيل جي قيمت 64 ڊالر في بيرل کان وڌي 74  کان 75 ڊالر في بيرل تائين پهچي چڪي آهي. مستقبل ۾ تيل جي عالمي قيمتن ۾ وڌيڪ اضافي جو امڪان آهي. پي ٽي آءِ اڳواڻ جو چوڻ هو ته پاڪستان جي درآمدات جو 26 سيڪڙو خرچ پيٽروليم مصنوعات تي ٿيندو آهي ۽ اهو خرچ جيڪڏهن خطي جي موجوده صورتحال ۾ وڌندو ته پوءِ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو به مٿي ويندو. جنهن سان روپئي تي وڌيڪ دٻاءُ اچڻ جو امڪان آهي. پاڪستان کي 7 هزار 500  ارب کان 8 هزار ارب روپين جو قرض وياج سميت واپس ڪرڻو آهي جنهن سان وفاق جو بجيٽ ختم ٿي ويندو.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو