32

ايران مان 3 هزار پاڪستانين جي واپسي مڪمل ٿي چڪي آهي: پرڏيهي وزارت

 پرڏيهي وزارت چيو آهي ته ايران مان 3 هزار پاڪستانين جي واپسي مڪمل ٿي چڪي آهي پاڪستانين جي واپسي جو عمل جاري آهي. ميڊيا بريفنگ ۾ پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو آهي ته پاڪستان ايران تي اسرائيلي حملن جي مذمت ڪري ٿو. اهڙن حملن سان ايران جي خودمختاري متاثر ٿي آهي، گڏيل قومن جي چارٽرڊ جي تحت ايران وٽ دفاع جو حق آهي، عالمي برادري ۽ گڏيل قومون اسرائيل کي حملن کان روڪين. ترجمان چيو ته ايران جي خودمختاري جي حوالي سان پاڪستان قطر، سعودي عرب، صوماليه، ترڪيه، عمان، متحده عرب امارات، الجيريا، بحرين، برونائي، دارالسلام، جبوتي، مصر، عراق، اردن، ڪويت ۽ لبيا بيان جاري ڪيو. اسحاق ڊار ايران، ترڪيه، متحده عرب امارات ۽ برطانوي پرڏيهي وزيرن سان رابطو ڪيو. اڳواڻن ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ تي زور ڏنو. ترجمان چيو ته اسرائيل ايران جي نيو ڪليئر اثاثن تي حملو ڪري عالمي قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي، پاڪستان اهڙن حملن جي مذمت ڪري ٿو. اسرائيل طرفان ايران جي ايٽمي ٺڪاڻن کي نشانو بنائڻ عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آهي، اسان ايران جي ايٽمي ٺڪاڻن کي نشانو بنائڻ جي مذمت ڪريون ٿا ۽ ايران کي اخلاقي ۽ سفارتي سطح تي سپورٽ ڪري رهيا آهيون. ترجمان ٻڌايو ته ايران مان 3 هزار پاڪستانين جي واپسي مڪمل ٿي چڪي آهي، پاڪستانين جي ايران مان واپسي جاري آهي، ايراني اختياريون پاڪستانين جي واپسي ۾ تعاون ڪري رهيون آهن، اسان جو سفارتخانو ۽ قونصل خانو لاڳيتو ڪم ڪري رهيو آهي. ترجمان موجب هندستاني اختيارين طرفان جمون ڪشمير ۾ ظلمن جو سلسلو جاري آهي. جمون ڪشمير ۾ عيدالاضحيٰ جي موقعي تي جامع مسجد ۽ عيد گاهه ۾ نماز ادا ڪرڻ نه ڏني وئي. اهو لاڳيتو ستون سال آهي ته ڪشميرين کي جامع مسجد ۽ عيد گاهه ۾ نماز ادا ڪرڻ نه پئي ڏني وڃي. آمريڪا جي معاملي تي هن چيو ته آمريڪا سان ڏهاڪن کان پراڻا لاڳاپا آهن، آمريڪا سان سٺن لاڳاپن جو اهو سلسلو جاري رهندو. پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ کي گهٽ ڪرڻ ۾ آمريڪا ۽ صدر ٽرمپ جي ڪوششن جي تعريف ڪريون ٿا.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو