39

وزيراعظم شهباز شريف مولانا فضل الرحمان جي پٽ تي حملو ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

وزيراعظم شهباز شريف جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان جي پٽ تي حملي ۽ اغوا ڪرڻ جي ڪوشش تي انتهائي ڳڻتي جو اظهار ڪندي حملو ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف مولانا فضل الرحمان سان سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي جتي وزيراعظم انهي جي ننڍي پٽ اسجد محمود تي حملي ۽ انهي کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش تي انتهائي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف حملي ۽ اغُا جي ڪوشش ۾ ملوث جوابدارن کي جلد کان جلد قانون جي گرفت ۾ آڻڻ جا حڪم به جاري ڪري ڇڏيا آهن. وزيراعظم ۽ مولانا فضل الرحمان جي ملاقات ۾ ملڪ جي گڏيل سياسي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو