35

ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار جوابدار کي آزاد ڪرڻ جو الزام: سنڌ جي گهرو ايڊيشنل چيف سيڪريٽري کي نيب طلب ڪري ورتو

نيب ڪرپشن ڪيسز ۾ گرفتار آبپاشي کاتي جي انجنيئر کي پيرول تي آزاد ڪرڻ جي الزام ۾ سنڌ جي گهرو ايڊيشنل چيف سيڪريٽري اقبال ميمڻ کي طلب ڪري ورتو آهي. نيب اختيارين موجب سنڌ جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري اقبال ميمڻ ڪرپشن ڪيسز ۾ گرفتار آبپاشي کاتي جي انجنيئر کي پيرول تي آزاد ڪيو هو، انجنيئر انڊر ٽرائل قيدي هو جنهن کي وڏي جي اجازت کان سواءِ آزاد ڪيو ويو. سنڌ جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري اقبال ميمڻ تي الزام آهي ته هن مبينه طور تي پئسا وٺي قيدي کي آزاد ڪيو هو. نيب انڊر ٽرائل جوابدار کي آزاد ڪرڻ جي الزام ۾ اقبال ميمڻ جي خلاف ڪارروائي ڪئي. جاچ جي تحت اقبال ميمڻ کي رڪارڊ سميت 24 جون تي ڪراچي آفيس ۾ طلب ڪيو ويو آهي. انهي کان علاوه ڊي جي نيب طرفان معاملي جي انڪوائري ڪميٽي به ٺاهي وئي آهي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو