ڪنڌڪوٽ :ھڪ ڏينھن اڳ غوثپور جي ڪچي واري علائقي ڪچو ڪي ٽي پوليس ٿاڻي جي حد جي ڳوٺ قبول اوڳاھي ڀرسان اوڳاھي برادري جي ٻن ڌرين وچ پراڻي ڪارنھن تڪرار تان ٿيل جھيڙي ۾ جديد ھٿيارن سان فائيرنگ جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا ھئا

ڪنڌڪوٽ ڊسٽرڪٽ رپورٽر ، ھڪ ڏينھن اڳ غوثپور جي ڪچي واري علائقي ڪچو ڪي ٽي پوليس ٿاڻي جي حد جي ڳوٺ قبول اوڳاھي ڀرسان اوڳاھي برادري جي ٻن ڌرين وچ پراڻي ڪارنھن تڪرار تان ٿيل جھيڙي ۾ جديد ھٿيارن سان فائيرنگ جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا ھئا۔ مارجي ويل خدن اوڳاھي جي ڌر مان 3 ڀائرن ھرھڪ اميد علي، محمد علي ۽ سعيد علي اوڳاھي جا لاش سندس وارثن ضروري ڪارروائي لاءِ غوثپور جي رورل ھيلٿ سينٽر آندا ۔ جٿي ڊاڪٽرن ضروري ڪارروائي ۽ پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيا۔ جڏھين ته مقتولن جي گھرن ۾ ڪالھ کان ڪھرام متل آهي۔ ٽنھي مقتولن جي وارث صحافين آڏو دانھيندي چيو آهي ته ڪريم بخش اوڳاھي جي ڌر جي 6 ڄڻن ھٿياربندن اسان مٿان جديد ھٿيارن سان فائرنگ ڪري اسان جا 3 نوجوانن کي بيدردي سان گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو آهي، اسان غريب ماڻهون آھيون۔ ڪارنهن الزام به اسان جو ھو ۽ وري حملو ڪري قتل به اسان جا ماڻهو ڪيا ويا آهن۔ ھوڏانھن جھيڙي جي ٻي ڌر ڪريم بخش اوڳاھي جي مارجي ويل ھڪ نوجوان محمد بخش اوڳاھي جو لاش وارثن ضروري ڪارروائي لاءِ ڪنڌڪوٽ جي اسپتال کڻائي ويا۔ ياد رهي ته جھيڙو ڌر خدن عرف خدابخش اوڳاھي ۽ ڪرو عرف ڪريم بخش اوڳاھي جي وچ۾ ڪارنهن تڪرار تان پيش آيو ھيو۔ حد جي پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي

پنھنجي راءِ لکو