43

گنڊاپور پي ٽي آءِ باني سان ملاقات جي درخواست کڻي سپريم ڪورٽ پهچي ويو، عدالت وٽان ڪهڙو جواب مليس؟

خيبرپختونخوا جو وڏو وزير علي امين گنڊاپور، پي ٽي آءِ باني عمران خان سان ملاقات جي اجازت لاءِ سپريم ڪورٽ پهچي ويو. علي امين گنڊاپور، عمران خان سان ملاقات جي اجازت لاءِ جسٽس منصور علي شاهه جي عدالت ۾ پيش ٿيو، جنهن تي جسٽس منصور چيو ته چيف جسٽس يحيٰ آفريدي لاهور ۾ آهي، تنهنڪري ساڻس رابطو ڪيو. بعد ۾ سپريم ڪورٽ جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي علي امين گنڊاپور چيو ته پي ٽي آءِ باني سان ملاقات لاءِ گذريل ڪيترن ڏينهن کان ڪوشش ڪري رهيا هئاسين، مان اڄ عمران خان جي هدايت تي سپريم ڪورٽ آيو آهيان. هن چيو ته عمران خان سپريم ڪورٽ کي خط به لکيو هو، خط سان گڏ پي ٽي آءِ باني ثبوت به لڳايا هئا، خط تي چيف جسٽس يحيٰ آفريدي سٺا رمارڪس ڏنا هئا پر ان تي عمل نه ٿيو. علي امين چيو ته اسان جي بار بار درخواست باوجود پي ٽي آءِ باني سان ملاقات نه ڪرائي وئي، اسان خلاف اِها هڪ سازش ٿي رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته بجيٽ منظوري وارو عمل اسيمبلي ۾ هلي رهيو آهي، تحريڪ انصاف جي بجيٽ ڪميٽي پي ٽي آءِ باني سان ملاقات ڪندي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو