اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي سمورن تڪن تان ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي اليڪشن ڪميشن عمران خان طرفان ڪاميابي جي خرچن جا تفصيل جمع نه ڪرائڻ تي نوٽيس ورتو هو جنهن تي چيف اليڪشن ڪمشنر جي صدارت هيٺ 5 رڪني ڪميشن محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي 7 تڪن تان ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو اليڪشن ڪميشن چيو ته عمران خان چونڊ خرچ جا تفصيل ڏئي ڇڏيا آهن ان ڪري سندس دير سان خرچ ڏيڻ واري معاملي کي ختم ڪيو وڃي ٿواليڪشن ڪميشن عمران خان جي ننڍي چونڊن ۾ اين اي 22 مردان، اين اي 24 چارسده، اين اي 31 پشاور، اين اي 108 فيصل آباد، اين اي 118 ننڪانه، اين اي 45 ڪرم ۽ اين ا 239 ڪورنگي تان ڪامياب قرار ڏنو آهي. اليڪشن ڪميشن ڪيس جو فيصلو 20 ڊسمبر تي محفوظ ڪيو هو
