سنڌ جي گورنر آفيس جي تالا بندي بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪري ڇڏيو

 سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري آفيس جي تالا بندي بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري جي وڪيل سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف درخواست داخل ڪئي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته پرنسپل سيڪريٽري سميت ڪنهن به وقتي گورنر اويس قادر شاهه کي اجلاس کان ناهي روڪيو. وڊيو شاهديون موجود آهن جيئن وقتي گورنر کي مڪمل پروٽوڪول ڏنو ويو. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته قانون موجب وقتي گورنر کي گورنر هائوس تائين پهچ نٿي ڏئي سگهجي، سنڌ هاءِ ڪورٽ اسان جو موقف ٻڌڻ کان سواءِ ئي درخواست اڪلائي ڇڏي. سنڌ جي گورنر درخواست تي سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ چيو ته اها آئيني درخواست آهي انهي جي ٻڌڻي اسلام آباد ۾ آئيني بينچ جي آڏو ٿيندي. ياد رهي ته گذريل هفتي وقتي گورنر اويس شاهه ڪامران ٽيسوري تي الزام لڳايو هو ته هو پرڏيهي ملڪن جي دوري دوران آفيس جون چاٻيون پاڻ سان گڏ کڻي ويو آهي جڏهن ته هن آفيس ۾ پهچ جي لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو هو. سنڌ هاءِ ڪورٽ اويس شاهه کي گورنر هائوس جي آفيس ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏني هئي.